دپيڪا پڊوڪون ڪمائي ۾ شاهه رخ خان کان گهڻو پوئتي آهي؟

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون جي عالمي وبا ڪورونا وائرس بعد فلمن مان زبردست ڪمائي ٿي آهي، هن بالي ووڊ جي ڪنگ کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
ڀارتي خابرو اداري موجب دپيڪا پڊوڪون جي نئي فلم ڪالڪي 2898 اي ڊي ڀارتي باڪس آفيس تي ٿرٿلو مچاهي رکيو آهي، جنهن حوالي سان خيال ڪيو پيو وڃي ته اها فلم وڌيڪ ڪجهه ڏينهن اڃا به گهڻو ڪمائي وٺندي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته فلم عالمي سطح تي 1000 ڪروڙ ڪلب ۾ داخل ٿيڻ جي ويجهو آهي،جڏهن ته ڊوميسٽڪ مارڪيٽ ۾ اها فلم 500 ڪروڙ جي نيٽ ڪليڪشن عبور ڪري چڪي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب انهي فلم ۾ دپيڪا جي ڪمائي ۾ واڌ ٿي آهي ۽ خيال ڪيو پيو وڃي ته اها ڪمائي شاهه رخ خان کي پوئتي ڇڏڻ ۾ بس 41 ڪروڙ جي دوري تي آهي.
ڪورونا بعد شاهه رخ خان جي ڪمائي ڪيتري هئي؟
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ هو ته ڪورونا بعد فلم پٺاڻ،جوان ۽ ڊنڪي مان شاهه رخ خان جي ڊوميسٽڪ ڪليڪشن 1415.64 ڪروڙ رهي آهي، جنهن شاهه رخ خان کي ڪورونا بعد سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪرڻ وارو ڀارتي اداڪارن ۾ شامل ڪيو هو.

india bollywook shahrukhkhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.