خالد لنڊ ۽ سندس پٽ ڌمڪائي رهيا آهن،چيف جسٽس نوٽيس وٺي ڪيس ٻئي ڊويزن منتقل ڪرائي:امان پٺاڻي

ميرپورماٿيلو(رپورٽ خالد وسير) عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جي امڙ امان پٺاڻي ۽ شهيد جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيف جسٽس کان مطالبو ڪري ڇڏيو.
امان پٺاڻي ۽ يعقوب گڏاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حق سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ نصر الله گڏاڻي کي قتل ڪرايو هو،
شهيد جي امڙ جو چوڻ هو ته خالد لنڊ هڪ ڀيرو اسان جي خاندان ۽ ويجهن مائٽن کي حراسان ڪري رهيو آهي، خالد لنڊ گذريل ڏينهن به پنهنجي ذاتي سرڪاري محافظن کان اسان خلاف ڌمڪائيندڙ وڊيو بيان جاري ڪرايو هو.
شهيد جي امڙ ۽ ڀاءَ ٻڌايو ته خالد لنڊ عدالت ۾ حاضريءَ تي پاڻ سان گڏ سوين هٿياربند وٺي ايندو آهي، جيڪي اسان جي حمايتن کي ڊڄائيندا رهندا آهن،لنڊ برادري سان اسان جو ڪو به جهيڙو ناهي.
سندن چوڻ هو ته شهيد جا قاتل خالد لنڊ ۽ سندس پٽ آهن، خالد لنڊ چوندو رهي ٿو ته ڪيس تي سياست ڪئي پئي وڃي خالد لنڊ اهو ٻڌائي ته برڪت لنڊ عبدالله لنڊ ۽ اصغر لنڊ ڪير آھن.
امان پٺاڻي چيو ته قاتل هينئر به موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اڄ وري اسان جي ڪجهه حمايتن کي پوليس هٿان گرفتار ڪرايو ويو آهي.
شهيد جي وارثن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪيس کي ڪنهن ٻي ڊويزن منتقل ڪيو وڃي، جيئن انصاف ملي سگهي.

AwamiAwaz JusticeForNasrullahGadani ChiefJustice

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.