گِل ۽ سُندر ڇائنجي ويا، ڀارت جي ٽِين ٽي ٽوئنٽي ۾ به زمبابوي کي شڪست

هراري ( ويب ڊيسڪ) ڀارت ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي 23 تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-1 سرسي حاصل ڪري ورتي.
هراري اسپورٽس ڪلب ۾ ڀارتي ڪپتان شُڀمَن گِل ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان شُڀمَن گِل 66 ۽ رتو راج گائيڪواڙ 49 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته يشسوي جئسوال 36، سنجو سيمسن 12 ۽ اڀيشيڪ شرما 10 رنسون ٺاهيون.
زمبابوي جي مُزارباني ۽ سڪندر رضا ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڀارت جي 183 رنسن جي جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن نقصان تي 159 رنسون ٺاهي سگهي ۽ 23 رنسن تان ميچ هارائي وئي.
ڊائون مئرس 65 ۽ ڪلائيو مئڊانڊي 37 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
ڀارت جي واشنگٽن سُندر 3، اويس خان 2 ۽ خليل احمد 1 وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بالنگ تي واشنگٽن سُندر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.