اهڙيون شوبز شخصيتون جيڪي ڪروڙين مداح هجڻ باوجود به سوشل ميڊيا استعمال ناهن ڪنديون!

سڄي دنيا ۾ هاڻي مشهور شخصيتن جو اندازو سندن سوشل ميڊيا اڪائونٽس مان فالورز جي انگ سان ذريعي لڳايو ويندو آهي، يعني جنهن جا فالور جيترا اهو اوترو ئي مشهور مڃيو ويندو آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۾ وڊيو ۽ فوٽو شيئرنگ ايپ گهڻي مقبول آهي، ان تي سڀ کان وڌيڪ فالورز عالمي شهرت يافتا فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جا آهن.

هونئن ته سڄي دنيا جو اعزاز رونالڊو وٽ آهي، پر ڀارت ۾ اهو اعزاز ويرات ڪوهلي وٽ به آهي، ڀارتي رانديگر جا سوشل ميڊيا تي 270 ملين فالوورز آهن.

جتي سيليبريٽيز انسٽاگرام فالوورز گيم اسٽرانگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن اتي وري ڪجهه اهڙا سپر اسٽارز به آهن جيڪي پنهنجي نجي زندگي مان خوش آهن.

1. رنبير ڪپور

بلاڪ بسٽر فلم ”انيمل“ جي ”رن وجي“ يعني رنبير ڪپور هونئن ته بالي ووڊ متوالن جي دلين تي راڄ ڪندو آهي ۽ مداح سندس نجي زندگيءَ بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي خواهش به رکندا آهن.

رنبير ڪپور سوشل ميڊيا کان پري آهي، هن انسٽاگرام تي اڪائونٽ ئي ناهي ٺاهيو پر سندس زال عاليا ڀٽ انسٽاگرام تي متحرڪ رهندي آهي، جنهن جي ڪري رنبير ڪپور جي مداحن کي به سندس زندگيءَ بابت اپڊيٽ ملندي آهي.

2. سيف علي خان

سال 1993ع ۾ بالي ووڊ فلم پرمپرا کان ڊيبيو ڪندڙ اداڪار سيف علي خان به سوشل ميڊيا تي ناهي، پر تازو ئي هن انڪشاف ڪيو هو ته ڳجهي اڪائونٽ ذريعي انسٽاگرام استعمال ڪندو آهي.

3. ريکا

ليجنڊري اداڪارا ريکا به سوشل ميڊيا تي اڪائونٽ ٺاهڻ ۾ پاڻ کي روڪي رکيو آهي، پر سندس مداح سدائين فرمائش ڪندا آهن ته هو به سوشل ميڊيا تي اچي وڃي ۽ مداح ساڻس آساني سان رابطو ڪري سگهن.

4.عامر خان

بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان گذريل ڪيترن ئي سالن کان فقط سٺي اداڪاري ۽ سٺي ڪهاڻي تي محنت ڪندي نظر ايندو آهي.

عامر خان بالي ووڊ جي ايوارڊز تقريب ۾ به شرڪت ڪرڻ کان لنوائيندو آهي، سندس مڃڻ آهي ته پنهنجي ڪم سان ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ چاهيان ٿو ڇو ته هو ايوارڊز تي نه ريوارڊز تي يقين رکندو آهي.

شايد اهو سبب آهي جو کيس اڄ ڏينهن تائين سوشل ميڊيا تي اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ناهي ٿي.

5. راني مکرجي

فلم ”راجا ڪي آئيگي بارات“ ڀارتي فلم نگري ۾ قدم رکڻ واري راني مکرجي به وڏي اسڪرين تي ڏسڻ ته پسند ڪندي آهي پر پل پل جي سوشل ميڊيا تي ڏيڻ کيس پسند ناهي.

Showbiz Social media bollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.