جناح هائوس حملي سميت ٻين ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف باني عمران خان جي 9 مئي جي ٽن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت خارج ڪري ڇڏي.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جناح هائوس، عسڪري ٽاور، شادمان ٿاڻي تي ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ ٽي ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ باني جي عبوري ضماتن جي درخواست تي دليلن کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.
سرڪار عمران خان جي جناح هائوس ۽ ٻين ڪيسن ۾ گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو هو ته عمران خان کان پڇا ڳاڇا لاءِ سندس گرفتاري گهربل آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالد ارشد اڄ محفوظ فيصلو ٻڌايو.

imrankhan pti awamiawaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.