ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي پاڻي بيهڻ ۽ بجلي جي بندش جون شڪايتون به سامهون آيون آهن.
موسميات کاتي برسات جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب سڀ کان وڌيڪ برسات سرجاڻي ٽائون ۾ 58 ملي ميٽر پئي.
اورنگي ٽائون ۾ 30 ملي ميٽر، يونيورسٽي روڊ تي 19.8 ملي ميٽر، ايئرپورٽ تي 18.5 ملي ميٽر ۽ پي اي ايف بيس تي 16 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي.
موسميات کاتي موجب سهراب ڳوٺ، گڏاپ ۽ صدر ۾ رڳو ڪڻ ڪڻ ٿي، ڊفينس ۾ به بوندا باندي رڪارڊ ڪئي وئي.
karachi weatherupdate weather