ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان افغانستان کنڊ سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ گودام ۾ غير قانوني ذخيرو ٿيل کنڊ جو وڏو ذخيرو قبضي ۾ ورتو ويو.
ايف سي بلوچستان (سائوٿ) نوڪنڊي ۾ پاڪستان مان افغانستان کنڊ سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ڪارروائي دوران ڪلي غريب آباد، نوڪنڊي ۾ هڪ گودام ۾ غير قانوني ذخيرو ٿيل کنڊ جو هڪ وڏو ذخيرو ڪاميابي سان قبضي ۾ ورتو ويو.
آپريشن جي نتيجي ۾ کنڊ جا 1368 ٿيلها ضبط ڪيا ويا، جن جو وزن تقريبن 70 ٽن ۽ قيمت موجود مارڪيٽ ريٽ تي تقريبن 10 ملين رپيا آهي، ضبط ٿيل کنڊ افغانستان سمگل ٿيڻي هئي.
کنڊ جي گودام کي سيل ڪري سمگلرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ضبط ٿيل کنڊ ۽ ان ۾ ملوث سمگلرن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو.
quetta PakistanCustoms sugar