برمنگهم ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز پاڪستان چيمپيئنز انگلينڊ کي 79 رنز تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ لاڳيتو چوٿين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
برمنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ چيمپيئنز ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو.
پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهيون، صهيب مقصود 64 ۽ شعيب ملڪ 51 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ان کانسواءِ مصباح الحق 23 ۽ عبدالرزاق 20 رنسون اسڪور ڪيون.
پاڪستان جي 197 رنسن جي هدف جي جواب ۾ انگلينڊ چيمپيئنز جي سموري ٽيم 117 رنز تي آئوٽ ٿي وئي، فل مسٽرڊ 30 ۽ ڪيون اوبرائن 24 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان سعيد اجمل 3 ۽ عبدالرزاق 2 وڪيٽون ورتيون.
اهڙي طرح پاڪستان چيمپيئنز انگلينڊ چيمپيئنز کي 79 رنسن تان هارائي ايونٽ ۾ مسلسل چوٿين فتح حاصل ڪري ورتي، گرين شرٽ ايونٽ ۾ اڃا تائين ناقابلِ شڪست آهي.
WCL Pakistanlegends EngalndLegends