پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جي اوور بلنگ جون شڪايتون، گهرو وزير جو آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پروٽيڪٽڊ بجلي واهپيدارن جي اوور بلنگ جو نوٽيس وٺندي ملوث عملي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب محسن نقوي اوور بلنگ ڪندڙ آفيسرن ۽ عملي خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.
محسن نقوي چيو ته پروٽيڪٽد واهپيدارن کي ڄاڻي واڻي نان پروٽيڪٽڊ ڪيٽيگري ۾ وجهڻ مجرماڻو فعل آهي، ايف آءِ اي صورتحال جو جائزو وٺي ذميوارن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪري، ڪيٽيگري تبديل ڪرڻ سان واهپيدارن تي ڪروڙين رپين جو واڌو بار پيو.
پڌرائيءَ موجب وفاقي گهرو وزير ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽرز کي ان حوالي سان حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ هدايت ڪئي آهي ته 200 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن سان ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪيو وڃي.

mohsinnaqvi pmln fia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.