سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
ان حوالي سان عمر ايوب پنهنجي بيان ۾ چيو ته اي ٽي سي سرگوڌا منهنجا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، اسلام آباد پوليس ۽ ميانوالي پوليس منهنجي گهر تي ڇاپو هنيو آهي.
اهن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ ايجنسيون مون کي گرفتار ڪرڻ چاهين ٿيون.
omarayub sargodha pti