ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جي دماغي صحت تي شڪ ٿي رهيو آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته مصطفيٰ ڪمال موجب سنڌ ۾ تباهي ٿي وئي آهي، جڏهن انهن جو مفاد هوندو آهي ته زرداري کان سٺو ڪير ناهي هوندو، جڏهن مفاد ناهي هوندو ته چوندا آهن پ پ کان برو ڪير ناهي.
هن چيو سڀني ماڻهن کي خبر آ ته ڪراچي شهر ڪنهن جي اشارن تي بند ٿيندو هو، اڄ ڪراچي ۾ خوف ۽ دهشت ناهي، ٻوري بند لاش نه پيا ملن.
murtazawahab mustafakmal ppp