ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آپريشن عزم استحڪام جي حوالي سان وفاقي حڪومت طرفان امڪاني آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت طرفان آپريشن عزم استحڪام جو ڪيو ويو آهي جڏهن ته وزيراعظم ان ڏس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته پ پ وفاقي سرڪار جي اي پي سي ۾ ضرور شرڪت ڪندي ۽ پنهنجن نمائندا ذريعي بلوچستان جي حالتن ۽ امن امان بابت آواز اُٿاريندي.
بلاول چيو ته پ پ پهرئين ڏينهن کان دهشتگردي جي خلاف آهي ۽ اسان ان جي مستقل خاتمي جو مطالبو ڪيون ٿا.
هن چيو ته بلوچستان ۾ سياسي جماعتون، اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي صوبائي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيون آهن.
You might also like