بجيٽ کانپوءِ هونڊا سي ڊي 70 ۽ ڊريم جا اگهه سامهون اچي ويا

مهانگائي ۽ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ سبب عام ماڻهو جي سواري موٽر سائيڪل به مهانگي ٿي وئي.
هونڊا سي ڊي 70 ۽ هونڊا سي ڊي 70 ڊريم، جيڪي پاڪستان جون مقبول ترين موٽر سائيڪلون آهن، بجيٽ کانپوءِ انهن جا تازا اگهه سامهون اچي ويا آهن.
رپورٽ موجب نئين بجيٽ سان موٽر سائيڪلن جي اگهن تي اڃا تائين ڪو فرق ناهي پيو، هونڊا سي ڊي 70 سي سي جي قيمت هڪ لک 57 هزار 900 رپيا ۽ ان جي ٻئي ماڊل هونڊا سي ڊي 70 سي سي ڊريم جي قيمت هڪ لک 68 هزار 900 رپيا آهي.
هونڊا سي ڊي 70 ڊريم ٽن مختلف رنگن ڳاڙهي، ڪاري ۽ سلور ۾ ايندي آهي، ائين سي ڊي 70 ڳاڙهي، ڪاري ۽ نيري رنگن ۾ دستياب آهي.

honda cd70 cd70dream

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.