پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر شعيب اختر ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي کي دنيا جو نمبر ون بيٽسمين ۽ روهت شرما کي نمبر ون ڪپتان قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي پيغام شعيد اختر چيو ته معلوم ٿيو آهي ته گوتم گنڀير جي اچڻ بعد ڀارتي ٽيم مان سينئر رانديگرن کي ٻاهر ڪيو ويندو.
شعيب اختر جو چوڻ هو ته ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مان هڪ سٺي دور ۾ پنهنجي ريٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻئي دنيا جي بهترين رانديگر آهن.
اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر چيو ته ويرات ڪوهلي کي دنيا جو نمبر ون بيٽر ۽ روهت شرما کي ون ڪپتان مڃڻو پوندو.
واضح رهي ته روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي گذريل ڏينهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ عالمي چيمپئن بڻجڻ بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
ViratKohli ShoaibAkhtar RohitSharma