ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪمشنر سامونڊي ڇولين ۾ واڌ سبب ٻوڏ جي خدشي کي ڏسندي هڪ مهيني لاءِ سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
ڪمشنر قلم 144 تحت پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، پابندي 27 جولاءِ تائين رهندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ سمنڊ تي وڏيون ۽ خطرناڪ ڇوليون ٺهي رهيون آهن، جنهن سبب سمنڊ ۾ وهنجندڙن جي حياتي کي خطرو پيش اچي سگهي ٿو.
نوٽيفڪيشن موجب علائقي جي ايس ايڇ او کي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار هوندو.
karachi seaview sindh