اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي چيو آهي ته ڪانگريس جي ٺهراءَ کي آمريڪي حڪومت جي مداخلت نٿي چئي سگهجي.
بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته حقيقت اها آهي ته حڪومت چونڊن جي مامري ۾ جاچ نٿي ڪرڻ چاهي، جمهوريت ۾ مخالف ڌر جو سڀ کان اهم ڪردار هوندو آهي، هن حڪومت ۾ برداشت ناهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته انهن کي خبر ناهي ته اپوزيشن ڇا ٿيندي آهي، پنجاب جي اپوزيشن ليڊر کان گاڏي، آفيس ۽ اسٽاف واپس ورتو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته اسان کي ڳالهائڻ ناهي ڏنو ويندو، خواجا آصف جي بيان تي ملڪ کي نقصان پهتو آهي، خواجا آصف ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اهڙو بيان ڏنو ۽ بعد ۾ هو پنهنجي بيان جو دفاع نه ڪري سگهيو.
سندس چوڻ هو ته جيڪو ٺهراءَ اهي کڻي آيا آهن ان بابت اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، آمريڪي ٺهراءَ هنن ناهي پڙهيو، ٺهراءَ ۾ انساني حقن جي فراهمي ۽ صاف شفاف چونڊن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
Pakistan PTI Goharkhan
Prev Post
You might also like