اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ سڃاڻپ جي تصديق جي سهولت لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي.
نادرا ڪي اليڪٽرڪ کي ڪسٽمر ڊيٽا جي تصديق لاءِ خدمتون فراهم ڪندو.
نادرا جون خدمتون نوان ڪنيڪشن وٺڻ، ميٽرن جي نالي ۾ تبديلي ۾ مدد ڪنديون.
رجسٽرڊ فائلرز به سڃاڻپ ڪارڊ نمبر کي لاڳاپيل جي اليڪٽرڪ اڪائونٽ سان ڳنڍي سگهندا.
ڪي اليڪٽرڪ سروس سينٽرز تي سڃاڻپ جي تصديق فنگر پرنٽس ذريعي ڪئي ويندي.
واهپيدارن جي آن لائن درخواستن تي ويب سائيٽ ذريعي خدمتون مهيا ڪيون وينديون.
نادرا جون سهولتون ڪي اليڪٽرڪ جي خدمت جي فراهمي ۽ شفافيت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪنديون.