نئين دهلي ۾ تيز برسات، 88 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ لڳاتار برسات سبب 88 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، برسات سبب نظام زندگي ڊاونڊول ٿي وئي.
ڀارتي خابرو اداري موجب نئين دهلي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 228.1 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا جون جي مهيني ۾ ٿيندڙ برساتن مان گهڻي برسات هئي.
دهلي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ سڀ کان گهڻي برسات 28 جون 1936 تي 235.5 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته 1936 ۾ جون جي مهيني 235 ملي ميٽر برسات ٿي ۽ هاڻي جون جي هڪ ڏينهن ۾ 228 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.
نئين دهلي ۾ گذريل ڏينهن جي برسات شهر جي روڊن رستن کي تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، برسات سبب ڪيتريون ئي گاڏيون روڊن تي ڦاٿل آهن.
ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تيز برسات سبب جمعي جي صبح جو ايئرپورٽ جي ڇت جو هڪ حصو ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 2 زخمي پڻ ٿيا آهن.
India Rain NewDehli

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.