بجلي ڪمپنين کي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو پابند ڪيو آهي: ناصر شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) توانائي واري وزير سيد ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته بجلي ڪمپنين کي شديد گرمي ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو پابند ڪيو آهي.
ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو چيفس سان اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته اسان پابند ڪيو آهي ته گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ۽ جنهن وقت گرمي گهڻي هجي ته لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.
هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪمپنين کي لوڊشيڊنگ ڪرڻي هوندي ته انهي بابت پهريان ئي ٻڌايو ويندو، اهڙي ريت اوور بلنگ جو مسئلو به حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، خاص ڪري اهي علائقا جتي 100 يا 200 يونٽ وارا واهپيدار آهن ۽ بلنگ 100 سيڪڙو آهي اتي لوڊشيڊنگ زيرو هوندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پنهنجي عوام سان گڏ آهي، اسان اختيارين کي پابند ڪيو آهي ته گرمي ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، هاڻي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي، جيڪي عمارتون سولرائز ڪيون آهن انهن جو رزلٽ ڏسي اڳتي جو فيصلو ڪنداسين.
Pakistan PPP NasirhussainShah

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.