رهائش لاءِ دنيا جي بهترين شهرن ۾ هڪ پاڪستاني شهر به شامل

يورپي ملڪ آسٽريا جو تخت گاهه ويانا مسلسل ٽئين سال دنيا ۾ رهائش لاءِ بهترين شهر قرار ڏنو ويو آهي.
اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ 2024 لاءِ سڄي دنيا ۾ رهائش لاءِ بهترين شهرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
ويانا کي ان جي مستحڪم انفرا اسٽرڪچر، ثقافت، تعليم، طبي سروسز ۽ تفريحي ذريعن سبب دنيا ۾ رهائش لاءِ بهترين شهر قرار ڏنو ويو.
ٻئي نمبر تي ڊنمارڪ جو شهر ڪوپن هيگن آهي، جيڪو گذريل سال به ان ئي نمبر تي موجود هو، جڏهن ته سوئٽزرلينڊ جي شهر زيورخ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي ۽ آسٽريليا جو ميلبرن چوٿين نمبر تي آهي.
ٽاپ 10 ۾ ايشيا جو رڳو هڪ شهر شامل آهي، جيڪو جاپان جو اوساڪا آهي، جاپاني شهر نائون نمبر حاصل ڪيو آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جو شهر آڪلينڊ به رهائش لاءِ دنيا جو نائون بهترين شهر قرار ڏنو ويو.
ان فهرست ۾ پاڪستان جو هڪ ئي شهر شامل آهي ۽ اهو ڪراچي آهي، جيڪو 173 مان 169هين نمبر تي موجود آهي، گذريل سال به ڪراچي جي حصي ۾ اهو ئي نمبر آيو هو.

karachi vienna auckland

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.