ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ: شوبز شخصيتون به حڪومت تي ڪاوڙيل

پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي ناليواري اداڪار بلال قريشي به گرمي ۾ بجلي جي ڊگهي ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب ڪاوڙجي پيو.
اداڪار فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي جاري ڪيل پنهنجي اسٽوري ۾ ٽئڪس ڏيڻ باوجود بي آرامي ملڻ جي حوالي سان حڪومت تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
اداڪار بلال قريشي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ انسٽاگرام جو رخ ڪيو ۽ پنهنجي اسٽوري پاڪستان جي حڪومت جي نالي ڪئي.
پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ اداڪار جو چوڻ هو ته هر سال شديد گرمي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جا بل وڌايا ويندا آهن، جن ڪري غريب ماڻهو روئي رهيا آهن.
هن چيو ته حڪومت طرفان لڳايل ٽيڪسن عوام کي چريو ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت کي ڪجهه حيا ڪرڻ کپي ۽ انهي بدترين گرمي ۾ ٿوري شرم ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته ملڪ هن وقت شديد گرمي جي لپيٽ ۾ آهي، هيٽ اسٽروڪ جي نتيجي ۾ هاڻي تائين ڪيتريون ئي فوتگيون ٿي چڪيون آهن.
Pakistan KElectric Showbiz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.