ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته مائرن جي کير واري بينڪ کولڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي جيڪي ڳالهيون هليون ان تي دلبرداشته ٿي پئي آهيان، ان ۾ ٻارن جو ئي فائدو آهي اسان ملڪ بينڪ ضرور هلائينداسين.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي اڄ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو بجيٽ تي ڳالهائڻ کانپوءِ مدرز ملڪ بينڪ واري معاملي تي ڳالهايو.
هن چيو ته ان معاملي تي ماڻهن چيو ته هي ڪهڙو ظلم ٿي ويو، مدرز بينڪ کولي وئي آهي پر جيڪي ٻار وقت کان اڳ پيدا ٿين ٿا، انهن جو هاضمو پورو ناهي ٿي سگهندو، ڳئون يا پائوڊر وارو کير اهي ناهن پي سگهندا، ماءُ جو کير به کين ٽيوب ذريعي ڏنو ويندو آهي، ان کير جي ڪري اهي ٻار بچي سگهن ٿا.
هن چيو ته آڳاٽي دور ۾ مائرن کانسواءِ ٻيون عورتون ٻارن کي کير پيارينديون هيون پر اڄ جديد دور ۾ اهو عمل روڪڻ جو چيو پيو وڃي.
هن وضاحت ڪئي ته اها ڳالهه غلط آهي ته ساڳئي ماءُ جو کير پيئندڙ هڪ ٻئي جا ڀائر ڀينرون بڻجي ويندا ته پوءِ انهن جي شادي ٿيڻ جو مسئلو هوندو ڇو ته اسان وٽ مڪمل ڊيٽا هوندي، اسان وٽ ٻنهي ڌرين جي ڊيٽا هوندي، سڃاڻپ ڪارڊ هوندا ۽ ائين ممڪن نه هوندو ته 20 سالن کانپوءِ اهي ٻارڙا شادي ڪن ڇو ته وٽن ڊيٽا هوندي ۽ هو ان ڳالهه کان واقف هوندا.
صحت واري وزير موجب هنن اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي خط به لکيو آهي پر کين ڪنهن فتويٰ جي ضروري ئي ناهي ڇو ته پاڪ ڪتاب ۾ پڻ چيو ويو آهي ته ٻار وٽ جيڪڏهن ماءُ جو کير موجود نه هجي ته اهو ٻي عورت جو کير پي سگهي ٿو.
آخر ۾ هن اپيل ڪئي ته هو اهو سڀ بهتري لاءِ ڪري رهيا آهن ۽ سندن ساٿ ڏنو وڃي.