لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ نوجوان پورهيت ٽريڪٽر تان ڪِري فوت ٿي ويو.
ڀنڊ چوڪ تي سجاول جوڻيجو جو رهواسي 20 ورهين جو محمد اسماعيل پٽ محمد علي مگسي ٽريڪٽر تان ڪِري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
فوتي جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان ڀنڊ چوڪ تي ٽريڪٽر تان ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسان کڻائي لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر آندو، جيڪو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
larkana sindh awamiawaz