ڪراچي (پ ر) آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري عالمي مفاهمت ۽ گڏيل بقا کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعليمي ميدان ۾ سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ جي شهر اوليشٽن ۾ ٿيل 11 ۽ 11 جون تي ٻي پولش، پاڪستاني عالمي سائنسي ڪانفرنس ۾ پنهنجي خطاب ۾ ڪيو.
ڪانفرنس جو عنوان نيو ورلڊ آرڊر، ان اسٽيٽو نيسينڊي هو.
پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ وچ ۾ تعليمي ميدان ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، پروگرامن ۽ تحقيقي اپائن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم آهن، انهن ڪوششن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو.
ٻي پولش، پاڪستاني عالمي سائنسي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن ۾ پاڪستان ۽ پولينڊ جي مقبول اسڪالرز شرڪت ڪئي.
هي ڪانفرنس انسٽيٽيوٽ آف پوليٽڪل سائنس، يونيورسٽي آف وارميا ۽ مازوري اوليشٽن، پولينڊ ۽ اردو يونيورسٽي جي عالمي لاڳاپن واري شعبي گڏيل طور تي ڪرائي.
ڪانفرنس جو مقصد عالمي نظام ۾ جاري تبديلي تي تنقيدي بحث ڪرڻ هو ۽ اڀرندڙ رجحانن جي نشاندهي ڪرڻ، سهڪار جا موقعا ڳولڻ ۽ نيو ورلڊ آرڊر جي بهتر تفهيم کي هٿي ڏيڻ شامل هو.
ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس دوران 50 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا پيش ڪيا ويا.