ڏوهه گهٽجي ويا آهن،ٻن مهينن ۾ قومي شاهراهه تي ڏوهه ناهي ٿيو:آءِ جي سنڌ جي صدر کي بريفنگ

سکر(ويب ڊيسڪ) صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ امن امن جي صورتحال تي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بريفنگ ڏيندي ڏوهه گهٽجڻ جي دعويٰ ڪئي.
آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل حڪمت عملي سبب ڪراچي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهه ۽ تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، گذريل ٻن مهينن اندر قومي شاهراهن تي ڪو به ڏوهه ناهي ٿيو.
غلام نبي ميمڻ چيو ته ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ سمارٽ ڪيمرا لڳائڻ بعد ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي، ڪيمرن جي مدد سان ڏوهارين ۽ سهولتڪارن جي سڃاڻپ ۾ به مدد وٺي رهيا آهيون.
Karachi Sindhpolice IGsindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.