ڪراچي ۾ گرمي سبب 2 ڄڻا فوت،ڪيترائي بيهوش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي شديد گرميءَ شهرين جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، شهر جا ڪيترائي علائقا سخت گرمي جي لپيٽ هيٺ آهن.
موسميات کاتي موجب اڄ به شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 42 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، گرمي محسوس ڪرڻ جي شدت 50 سينٽي گريڊ کان وڌيڪ رهي.
جناح اسپتال جي ڊاڪٽر سمعيا موجب جناح اسپتال ۾ گرمي سان فوت ٿيندڙ ٻن ڄڻن جا لاش آندا ويا، جن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.
اسپتال انتظاميا موجب جناح اسپتال ۾ چئن ڏينهن ۾ هيٽ اسٽروڪ متاثر ڏهن ڄڻن کي آندو ويو.
karachi pakistan jinnahhospital

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.