جسٽس محمد شفيع سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس محمد شفيع کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب جسٽس محمد شفيع صديقي جوڊيشل ڪميشن پاڪستان جي منظوري تائين وقتي چيف جسٽس جا فرض سرانجام ڏيندو.
جسٽس محمد شفيع کي جسٽس عقيل عباسي جي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيڻ بعد وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو.
جوڊيشل ڪميشن ايندڙ اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريگيولر چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيندو.
جسٽس شفيع محمد اڄ وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻندو.
Pakistan Sindh highcourt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.