ميزبان آمريڪا 115 رنسن تي ڍير، جارڊن جي هيٽرڪ

برج ٽائون ۾ کيڏي ويندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ جي مئچ ۾ انگلينڊ جي ڪرس جارڊن آمريڪا خلاف شاندار هيٽرڪ ڪندي 5 بالن ۾ چار وڪيٽون ورتيون.
آمريڪي ٽيم 19 هين اوور ۾ 115 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، انگلينڊ طرفان ڪرس جارڊن هيٽرڪ ڪئي، جيڪا هن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٽين هيٽرڪ آهي.
ڪرس جارڊن ڪوري اينڊرسن، علي خان،نوستوش ۽ سراڀ کي آئوٽ ڪري هڪ ئي اوور ۾ مجموعي طور 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.
انکان پهريان انگلينڊ آمريڪا خلاف ٽاس کتي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو.
America England T20WorldCup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.