حيدرآباد ۾ سماجي تنظيم انسٽيٽيوٽ آف رورل مئنيجمينٽ (آءِ آر ايم) طرفان سماجي تنظيم اسلامڪ رليف جي سھڪار سان مختلف شعبن ۾ تربيت حاصل ڪندڙ 90 نوجوانن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ آءِ آر ايم جي ريجنل هيڊ عبدالرب ٻرڙو، اسلامڪ رليف جي ڪوآرڊينيٽر مھيش ڪمار، پروفيسر ڊاڪٽر عارفا ڀٽو، پروفسير غلام علي ٻرڙو ۽ سماجي اڳواڻ پشپا ڪماري سميت سکيا حاصل ڪيل نوجوانن شرڪت ڪئي.