اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونلز جي قيام جو فيصلو معطل ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ٽربيونلز ڪيس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته سمجهه ۾ نٿو اچي اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ڳالهه ڇو نه ڪئي، آئين ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته ڪنهن جج سان ملاقات نٿي ٿي سگهي، ملاقات ڪرڻ ۾ انا جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ٻئي آئيني ادارا آهن.
چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته توهان جو ادارو تڪراري ڇو هوندو آهي؟ ايوان صدر وڃڻ جو اتفاق ٿيو ته اليڪشن ڪميشن بلڪل سامهون آهي، اليڪشن ڪميشن ڪيئن صدارتي آرڊيننس ٺاهي رهي آهي؟ اها ته پارليامينٽ جي توهين آهي.
چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته توهان چئي رهيا آهيو چونڊون ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي، هاءِ ڪورٽ پري رهي، توهان ڪيئن چئي رهيا آهيو ته صدارتي آرڊيننس آڻي پئي سگهياسين؟ ڇا اهو قانوني آهي؟
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير چيو ته مان قانون ناهي ٺاهيو، جنرل ڳالهه کان وڌيڪ نٿو ڪري سگهان، آرڊيننس جو دفاع نه پيو ڪيان.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جي ذميواري منهنجي آهي، پنهنجي ڪمزوري کي سبب نه بڻايو.
سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونلز جوڙڻ جو فيصل معطل ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي اپيل رد ڪندي لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو ٽي رڪني ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو.
supremecourtofpakistan ecp electiontribunals