محسن نقوي ۽ علي امين گنڊاپور جو لوڊشيڊنگ معاملا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير لوڊشيڊنگ جا معاملا ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ حل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
ڪي پي جي وڏي وزير طرفان گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي بجلي بحال ڪرڻ ۽ نيشنل گرڊ کي بجلي نه ڏيڻ جي قدمن محسن نقوي ساڻس ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.
علي امين گنڊاپور گهرو وزير کي پنهنجي خدشن ۽ عوامي شڪايتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو، ٻنهي ڄڻن ڪي پي ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ تي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڳالهين ۽ مشاورت تي اتفاق ڪيو.
محسن نقوي ۽ علي امين گنڊاپور اتفاق ڪيو ته غلط فهميون ختم ڪيون وينديون.
ڪي پي جي وڏي وزير گهرو وزير کي گرڊ اسٽيشنز جي حفاظت ۽ تحفظ جي خاطري ڪرائي، محسن نقوي چيو ڀرپور ڪوشش آهي ته صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو فوري طور حل ٿئي، وفاقي ملڪيتن جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.