چين ۾ طوفاني برسات،9 ڄڻا فوت،ڪيترائي ڦاٿل

چين جي صوبي گوانگ ڊونگ ۽ فوجيان ۾ طوفاني برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 17 ڄڻا گم ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گوانگ ڊونگ ۾ گذريل ڏينهن تائين پنج ڄڻا فوت،15 ڄڻا گم ۽ 13 ڄڻن جي ڦاٿل هجڻ جا اطلاع مليا هئا.
صوبي جي هڪ شهر سيشوئي ۾ گذريل ڏينهن 24 ڪلاڪن دوران 369.3 ملي ميٽر جي برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
صوبي ۾ هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اختيارين متاثرن کي ڪڍڻ ۽ متاثر علائقن تائين ضروري سامان پهچائڻ لاءِ هيلي ڪاپٽرن جو استعمال ڪيو.
China Rain Emergency

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.