ڪماليا (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته خيرات سان اسڪول ۽ اسپتالون هلنديون آهن، ملڪ ٽيڪس تي هلندا آهن، جولاءِ کان رٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ڪئي ويندي.
ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ملڪ کي اڳتي هلائڻو آهي ته پوءِ سڀ ڪجهه پرائيويٽ سيڪٽر جي حوالي ڪرڻو پوندو، پي آءِ اي 10 سال اڳ پرائيوٽائيز ٿي وڃي ها ته ايڏو نقصان نه ٿئي ها.
وفاقي وزير چيو ته ٽيڪس جو دائرو وڌائي رهيا آهيون، 32 هزار رٽيلرز رجسٽر ٿي چڪا آهن ، ڊسڪوز کي تبديل ڪرڻ وارا آهيون، بجلي ورڇيندڙ ڪمپنيز کي هاڻي پرائيويٽ ماڻهو هلائيندا، حڪومتي خرچ گهٽائڻ لاءِ ڪجهه وزارتون ختم ڪنداسين.