اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي هاڻ ٽيڪس وارا اهو شرط نه لڳائي ڇڏين ته نان فائلر جي شادي نٿي ٿي سگهي.
سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شبلي فراز چيو ته ٽيڪس اختيارين پاڪستان ۾ فائلر ۽ نان فائلر جي نئين ورڇ ڪري ڇڏي آهي.
هن چيو ته هر پاڪستاني ٽي وي تي به ٽيڪس ڏيندو آهي ته اهو نان فائلر ڪيئن ٿي ويو؟ قوم کي ٽيڪس چور ۽ نان فائلر چوندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ٽيڪس وارا اهو شرط نه لڳائي ڇڏين ته فائلر ۽ نان فائلر جون قبرستان الڳ هوندو، اهو شرط نه لڳايو وڃي ته نان فائلر جي شادي نٿي ٿي سگهي.
واضح رهي ته سينيٽ ڪميٽي نان فائلر جي ٻاهرئين ملڪ سفر تي پابندي جي تجويز منظور ڪري ورتي.
shiblifaraz fbr senateofpakistan