سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي: وڏو وزير

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ گذريل بجيٽ کان 34 سيڪڙو وڌيڪ آهي، سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، ايندڙ سال لاءِ ساڍا 3 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ جون ڳالهيون ڪيونپيون وڃن، ڪوشش آهي ته جي ڊي پي جي حوالي سان وفاق سان سهڪار ڪريون.
ڪراچي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 3 هزار 56 ارب رپيا آهي، سنڌ حڪومت جي بجيٽ هر سال وڌيڪ هوندي آهي، جڏهن ته ناڻي واڌ جو هدف پورو نه ڪري سگهياسين، ايندڙ سال ساڍا 3 سيڪڙو ناڻي واڌ جو هدف ڏکيو لڳي ٿو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان جي ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي، سنڌ جي بجيٽ مان 31 سيڪڙو ترقياتي ڪمن ۾ ويندو آهي، وفاق کي سنڌ کي به پاڪستان سمجهي ترقياتي اسڪيمز ڏيڻ گهرجن، جڏهن ته پي ٽي آءِ دور ۾ ۽ پوءِ نگران حڪومت، چونڊيل حڪومت جون ترقياتي اسڪيمون بند ڪيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سخت احتجاج ڪري اُهي اسڪيمون شروع ڪرايون.
وڏي وزير موجب ڏکين حالتن ۾ بجيٽ ٺاهي آهي، نگران حڪومت جي بجيٽ ۾ شامل ترقياتي اسڪيمون بند ڪرڻ سان سستي ٿي، مهانگائي جي ڪري اگهن ۾ واڌ ٿي آهي ان جي ڪري ڪاٿو وڌي سگهي ٿو، موجوده بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت اپاءَ ورتا ويا آهن.
هن چيو ته سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو ته بجيٽ ۾ ڪا نئين اسڪيم شامل نه ڪنداسين پر جاري اسڪيمن کي هن سال مڪمل ڪنداسين ۽ ايندڙ سال اسان گروٿ تي وينداسين پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هن سال گروٿ بلڪل نه ٿيندي.
وڏي وزير چيو ته بجيٽ ۾ هڪ هزار 912 رپيا ڪرنٽ روينيو جي خرچن جا آهن، 184 ارب ڪرنٽ اثاثن جي خرچن لاءِ رکيا ويا آهن، ايندڙ مالي سال لاءِ هڪ هزار ارب کان وڌيڪ جي رقم ڊيولپمينٽ تي خرچ ڪئي ويندي.
هن چيو ته 1900 ارب کان وڌيڪ جي ڪرنٽ روينيو خرچن مان 70 سيڪڙو رڳو پگهارن جي مد ۾ ويندو آهي جنهن مان 38 سيڪڙو موجوده پگهارون، 14 سيڪڙو پينشن ۽ ٻيون لوڪل گورنمينٽ سميت ٻيون گرانٽس شامل آهن، نان سيلري جو رڳو 21 سيڪڙو خرچ آهي جنهن ۾ آپريٽنگ جا خرچ، فزيڪل اثاثن جا خرچ، بلڊنگز جي رپيئرنگ وغيره به شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته وفاق وٽان 1900 ارب رپيا ملڻ جي اميد آهي، ٽيڪس جي مد ۾ اسان 619 ارب رپيا رکيا آهن، نان ٽيڪس روينيو 43 ارب رکيو ويو آهي، ڪرنٽ ڪيپيٽل ريسيٽ باقي ساڍن 27 ارب رپين جي ويجهو آهي، اهڙي ريت 2 هزار 590 ارب رپيا اسان کي ملي رهيا آهن، ان کانسواءِ جيڪا وٿي آهي اهو پيسو فارن اسسٽنٽ پراجيڪٽس وٽان اچي رهيو آهي.
هن چيو ته وزيراعظم سال 2024، 2025 ۾ 30 ارب رپيا پهرين 6 مهينن ۾ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، وزيراعظم جيڪي واعدا ڪيا اهي لکت ۾ اسان وٽ اچي ويا آهن، هاڻي خبر ناهي پيسا اچن پيا يا نه، پر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيسا ايندا.
وڏي وزير چيو ته اسان جا 3 اهم ادارا آهن جيڪي ٽيڪس گڏ ڪندا آهن، سنڌ روينيو بورڊ جو هن سال جو هدف 235 ارب رپيا هو ۽ اسنا ٽارگيٽ ويجهو پهچي ويا آهيون جڏهن ته ايندڙ سال جو هدف ساڍا 300 ارب رپيا رکيو ويو آهي.
ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ هن سال 130 ارب رپين جي ويجهو روينيو گڏ ڪندو، ايندڙ سال ان جو هدف 204 ارب رپيا رکيو ويو آهي. بورڊ آف روينيو اسان جو ڪمزور ادارو آهي جنهن جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، هڪ ڪاميٽي ٺاهي آهي 61 ارب جي ويجهو رقم رکيل آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته بجيٽ ۾ اسان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي آهي، پگهارون وڌائڻ جي تجويز گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار رپيا ڏني وئي، مان پاڻ 37 هزارن مان مطمئن نه آهيان پر انڊسٽري وارا شڪايت ڪن ٿا، گريڊ هڪ کان 6 جي پگهار 30 سيڪڙو وڌائي آهي، جيڪا انٽري ليول تي 32 کان 36 هزار رپيا ٿئي ٿي پر انهن کي پورا 37 هزار ڏنا ويندا. گريڊ 6 کان 16 تائين جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. گريڊ 17 کان 22 تائين وارن جي پگهارن ۾ 22 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي…..

CMMuradAliShah Sindhgovt Pakgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.