گهرو وزير سميت ڀارتي ڪابينا جي 28 وزيرن خلاف فوجداري جا ڪيس داخل هجڻ جو انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي 71 رڪني ڪابينا ۾ شامل 28 ميمبرن خلاف فوجداري جا ڪيس داخل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب هڪ غير سرڪاري اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڀارت جي 71 رڪني ڪابينا جي 28 ميمبرن تي فوجداري جا ڪيس موجود آهن.
انهن ۾ 19 وزيرن خلاف قتل ۽ عورتن خلاف ڏوهن جهڙا سنگين ڪيس شامل آهن.
بي جي پي جي ٻن وزير شنتانو ٺاڪر ۽ سڪانتا ماجمدار خلاف قتل جا ڪيس داخل ٿيل آهن، انهن ٻنهي وزيرن تي عورتن خلاف ڏوهن جا ڪيس به داخل آهن.
بي جي پي جي ٻين 5 وزيرن تي به عورتن خلاف ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، انهن وزيرن ۾ ڪيرالا کان کٽيندڙ بي جي پي جي واحد ميمبر سريش گوپي به شامل آهي.
رپورٽ موجب بين 18 وزير خلاف نفرت انگيز تقرير ڪرڻ تي ڪيس داخل ٿيل آهن، انهن وزيرن ۾ گهرو وزير امت شاهه به شامل آهي.
India Cabinet Cases

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.