”ڪهڙن جاهلن ۾ شادي ڪري ڇڏي“، اهو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جو، جنهن تازو مشهور مزاحيا پروگرام ڪپل شرما شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي ان جي هڪ مزاحيا وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ثانيا مرزا سُس جو روپ اختيار ڪيل ڪپل شرما کي چانهه پيش ڪئي، گڏوگڏ هن چيو ته امان چانهه وٺو، جنهن تي سس چيو ته چانهه آهي يا زهر؟
ثانيا جواب ڏنو مان ته چانهه ٺاهي هئي، توهان جي وات کي لڳي زهر ٿي وئي هوندي، پي ڇڏيو هونئن به توهان تي زهر اثر ناهي ڪندو، جنهن تي ڪپل شرما چيو ته ڪهڙي ننهن آهين؟ سس اڳيان زبان ٿي هلائين؟
سس کي جواب ڏيندي ثانيا چيو شڪر ڪيو زبان هلائي آهي، پنهنجي دوست کي چوان ته ان جا نقلي ڏند به ٻاهر اچي وڃن.
واهپيدارن جو خيال آهي ته انهن جملن سان ثانيا اندر جي باهه ڪڍي آهي پر اها رڳو هڪ مزاحيا پروگرام ۾ ثانيا جي اداڪاري جي ننڍڙي جهلڪ آهي، جنهن جو ان جي حقيقي زندگي سان ڪو واسطو ناهي.
saniamirza thekapilsharmashow shoaibmalik