سڀ کان پهريان محسن نقوي جي سرجري ٿئي: پي ٽي آءِ باني

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سڀ کان پهريان محسن نقوي جي سرجري ٿيڻ گهرجي ڇو ته هو اليڪشن ۾ ناڪام ٿيو.
اڊيالا جيل جي عدالت واري ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پي ٽي آءِ باني جو چوڻ هو ته اسان جا فوجي جوان شهيد ٿي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ چوري ٿين پيون پر انهن کي ڪا پرواهه ناهي.
عمران خان ٻڌايو ته سڀ جا سڀ مونکي خاموش ڪرائڻ لڳل آهن ته ڪنهن به حال ۾ ڌانڌلي ڪور ٿي وڃي، چيف اليڪشن ڪميشن ڌانڌلي ڪرائي، ميڊيا کي بند ڪرڻ مقصد آهي ته ڪوڙ کي لڪائي سگهجي.
هن چيو ته جيڪا پارٽي ميدان ۾ ناهي آئي ان کي کٽرايو ويو، اليڪشن جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ گهرجي، سڄي پنجاب ۾ اسان خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهن جتي ڪنوينشن ڪندا آهن اتا کين کنبڀو ويندو آهي.

Pakistan imrankhan PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.