عيد تي مسافرن لاءِ ڀاڙن ۾ وڏي رعايت جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي مسافرن لاءِ عيدالضحيٰ تي ڀاڙن ۾ 25 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ريلوي اختيارين موجب اها رعايت سمورين مسافر ٽرينن جي سمورن ڪلاسز تي لاڳو هوندي جڏهن ته ڀاڙن ۾رعايت عيد جي ٽن ڏينهن لاءِ هوندي.
ريلوي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀاڙن ۾ رعايت صرف ڪرنٽ بڪنگ تي لاڳو هوندي جڏهن ته اسپيشل ٽرينن تي سفر ڪرڻ وارا فائدو نه وٺي سگهندا.
ياد رهي ته انکان پهريان به ريلوي کاتي عيد الضحيٰ جي موقعي تي مسافرن جي سهولت لاءِ ٻه اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪيو هو.

Pakistan Railway Govt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.