ڪراچي جا مسئلا سڀني سان گڏجي، بنا فرق جي حل ڪنداسين: ايم ڪيو ايم، ايم پي اي عامر صديقي

ڪراچي (پ ر) ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي عامر صديقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي جي رهواسين جا مسئلا بنا ڪنهن فرق جي حل ڪيا ويندا ۽ ان ئي عزم تحت سنڌ اسيمبلي ۾ داخل ٿيا آهيون. هن چيو ته اسان بامقصد قانونسازي سان گڏوگڏ شهر جي موجوده مسئلن کي منهن ڏينداسين جنهن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام، پراڻي انفرااسٽرڪچر جي بحالي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن کي هٿي ڏيڻ ۽ رهواسين کي ملڪيت وارو حق ڏيارڻ شامل آهن.

اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪائونسل آف ميڊيا وومين جي صدر ۽ سينيئر صحافڻ حميرا موٽالا جي دعوت تي چمن اسٽريٽ، جهانگير روڊ جي دوري دوران بلوچ پاڙا ۽ پٽيل پاڙا جي گهٽين جا مسئلا حل ڪرڻ دوران ڪيو.

علائقي واسين دانهيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتن باوجود يو سي چيئرمين مسئلن ڏانهن ڌيان نه ڏنو هو.

ايم ڪيو ايم پي اي جو چوڻ هو ته مان هتي مسئلن جي حل لاءِ آيو آهيان ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي بنا فرق جي گڏ کڻي هلندس. سڀني پارٽين ۾ سهڪار جي ضرورت آهي.

ان موقعي تي علائقي جي اڳواڻن امروز ابراهيم، عمران، رئوف ڀائي، نعمان، وحيد، علي بلوچ ۽ ٻين علائقي جي اهم مسئلن، گيس جي فراهمي، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ڊرينيج نظام کي اجاڳر ڪيو.

ايم پي اي عامر صديقي کين مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير صحت ۽ تعليم جي معاملن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن ان بابت فنڊ به جاري ڪيا ويا آهن پر عوام ادارا عوام تائين بنيادي سهولتون نه پيا پهچائين، ان لاءِ سڀني کي اپيل آهي ته گڏ ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.