آفريقي ملڪ ملاوي جي نائب صدر جو جهاز گم ٿي ويو

آفريقي ملڪ ملاوي جي نائب صدر جو جهاز گم ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جهاز ۾ ملاوي جي نائب صدر 51 ورهين جي سائولوس چيليما سميت 10 ڄڻا سوار آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جهاز مقامي وقت موجب صبح 9 وڳي کانپوءِ ٽيڪ آف ڪيو هو.
صدر ۽ ڪابينا جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب جهاز جي ريڊار تان گم ٿيڻ کانپوءِ هوابازي اختيارين طرفان رابطي جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ريسڪيو اختياريون جهاز جي ڳولا ۾ مصروف آهن.

africa SaulosChilima malawi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.