راڻيپور: پوليس مغوي شازيا مڱڻيجو ۽ ڌيءَ نورالنساءِ کي بازياب ڪرائي ورتو

راڻيپور(رپورٽر) راڻيپور ۾ پوليس گڏيجي لنڪ روڊ تي ڪارروائي ڪندي عورت شازيا مڱڻيجو ۽ ڏيڍ سال جي نياڻي نورالنساءِ کي بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته 9 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا.

ايس ايڇ او راڻيپور عبدالجبار ميمڻ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته هنن اغوا جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، گرفتار ڪيلن ۾ عباس علي مڱڻيجو، اشفاق مڱڻيجو، حليم مڱڻيجو، حليمُ الله مڱڻيجو، ثناءُالله ڀٽي، بخت ڪلهوڙو، موسا هريا، خدا بخش مڱڻيجو، شهزاد مڱڻيجو شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.