قاضي احمد: مغوي ثنا راهو جي بازيابي لاءِ وارث سراپا احتجاج

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد ۾ ڳوٺ هاشم راهو جي مبينا اغوا ٿيل ناري ثنا راهو جي بازيابي لاءِ وارثن، سونهن، سريا، صبا، امجد علي، وزيراعليٰ، اصغر علي راهو ۽ ٻين احتجاج ڪيو.

مظاهرين ٿاڻي آڏو علامتي بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي.

هنن الزام هنيو ته 8 مهينا اڳ شادي شده ناري ثنا کي گهوٽڪي واسي ضمير لنڊ، نصر لنڊ ۽ ٽيڪسي ڊرائيور محبوب سهتو اغوا ڪري ويا هئا، ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس کيس آزاد ناهي رڪائي سگهي.

هنن پوليس عملدارن کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.