نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان، ھوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن ۽ مختلف مزدور تنظيمن طرفان ڪارخانن ۾ جاري اجرتي غلامي واري ٺيڪيداري نظام خلاف، اجرتن ۾ واڌاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪامريڊ ناصر منصور، ڪامريڊ زھرا خان، ڪامريڊ رياض عباسي، لياقت علي ساھي ۽ ٻين ڪئي.