ٽيلينار جا ٽاور بند ٿي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن کان آنڌاري سبب انفرااسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي جنهن ۾ ٽيلي ڪام ڪمپنين جا ٽاور پڻ شامل آهن.

سيوهڻ جي ڳوٺ ڪرمپور بند ۽ جتوئي ڳوٺ ۾ لڳل ٽيلينار ڪمپني جا 2 ٽاور آنڌاري سبب بند ٿي ويا آهن.

گذريل ٽن ڏينهن کان نيٽ ورڪ بند هجڻ سبب شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.

ان کانسواءِ ٻين علائقن ۾ به مختلف ڪمپنين جو نيٽ ورڪ متاثر ٿيو آهي.

سنڌ جا ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي نيٽ ورڪ ڪم نه ڪرڻ سبب واهپيدارن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

خيال رهي ته موبائيل نيٽ ورڪ ذريعي انٽرنيٽ تائين رسائي به متاثر ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.