جاپان ۾ ٻارن جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي، حڪومت ڊيٽنگ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

جاپان ۾ پيدائش جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي کانپوءِ حڪومت شاديون ڪرائڻ لاءِ ڊيٽنگ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي.
جاپان ۾ پيدائش جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ تازو حڪومت ٻارن جي پيدائش ۾ رڪارڊ گهٽتائي ڏٺي آهي.
جاپان جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 123.9 ملين آبادي تي ٻڌل ملڪ ۾ گذريل سال رڳو 7 لک 27 هزار 277 ٻارن جي پيدائش ٿي.
ماهرن موجب آبادي کي مستحڪم رکڻ لاءِ ڪنهن به ملڪ کي 2.1 پيدائش جي شرح جي ضرورت آهي پر جاپان ۾ اها شرح وڏي عرصي کان هيٺ رهي آهي.
ماهرن موجب ٻين سببن سان گڏ جاپان ۾ ازدواجي لاڳاپن ۾ به گهٽتائي ڏٺي وئي آهي، گذريل سال شادين جي انگ ۾ 30 هزارن جي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته طلاق جي شرح ۾ به واڌ ٿي آهي.
ڪرندڙ پيدائش جي شرح جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ڊيٽنگ ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي.
ان کانسواءِ حڪومت ٻارن جي سار سنڀال جون سهولتون وڌائڻ، والدين کي هائوسنگ سبسڊي جي آڇ ۽ ڪجهه علائقن ۾ جوڙن کي ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ادائيگي جهڙا قدم شروع ڪري رهي آهي.

japan datingapp asia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.