ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ٿيندڙ اهو دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، 2022 جي ٻوڏ ۾ سنڌ جو وڏو نقصان ٿيو.
هن چيو ته هڪ ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ متاثرن لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن، ٻوڏ متاثرن لاءِ 8 لک جي لڳ ڀڳ بئنڪ اڪائونٽ کلي چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته تقريبن سوا لک گهر تعمير ٿي چڪا آهن، هر متاثر شخص جي ڄاڻ حڪومت وٽ موجود آهي.
مراد علي شاهه چيو ته اسان مالڪاڻي حقن تي تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهيون، ٻوڏ متاثرن لاءِ 600 ارب رپين جي هائوسنگ اسڪيم جو منصوبو جاري آهي.

muradalishah cmsindh ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.