بابر اعظم جي ٽيم کي ” دوستي ياري “ ٽيم چوڻ زيادتي آهي: امام الحق

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ٽيسٽ ڪرڪيٽر امام الحق چيو آهي ته بابر اعظم پاڻ ڪپتاني نه گهري پر کيس ٻيهر ڪپتان بڻايو ويو آهي.
امام الحق، احمد شهزاد ۽ عمران نذير سان گڏ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان کائنس سوال ڪيو ته اسان سموري دنيا ۾ ڪرڪيٽ ڏٺي، ڪيئي ڪپتان ڏٺا پر ڇا ائين ممڪن آهي ته ڪو هڪ انفرادي شخص يا ٻه چار ماڻهو ايترا طاقتور ٿي وڃن جو سندن آڏو عوام، پي سي بي چيئرمين، ڪوچ ۽ سليڪشن بورڊ بيوس ٿي وڃن؟
جنهن جي جواب ۾ امام الحق چيو ته سڀ کان پهرين ڳالهه اِها آهي ته بابر اعظم کي بابراعظ۾ ڪنهن نه عوام بڻايو آهي، ٻي ڳالهه بابر جو هڪ تمام وڏو ڪيريئر آهي ۽ هيءَ ٽيم بابر جي ناهي، جيتوڻيڪ ائين لڳي رهيو آهي ته هيءَ بابر جي ٽيم آهي پر هي بابر جي ٽيم نه آهي.
ٽيم جي ڪارڪردگي تي گفتگو ڪندي امام الحق چيو ته اسان ماضي ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي سيمي فائنل ۽ فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي.
هن چيو ته ائين ناهي ته پرفارمنس نه هئي پر فائنل ڇو نه کٽي سگهياسين اِهو الڳ موضوع بڻجي سگهي ٿو، سموري دنيا جي ٽيمن جي ڪارڪردگي تسلسل سان ايندي آهي.
ٽيم سليڪشن ۽ دوستي يار جي ٽيم چوڻ بابت ڪرڪيٽر چيو ته اسان سڀني کي مڪي آرٿر وٺي آيو، بابر کي 2019ع ۾ ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان بڻايو ويو هو ، جنهن کانپوءِ کيس 2021 ۾ ٽنهي فارميٽ جو ڪپتان بڻايو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته هي ساڳا ئي ڇوڪرا آهن جنهن کي بابر اعظم جي ” دوستي ياري ٽيم “ چيو ويندو آهي جيڪو غلط آهي، اِئين چئي سگهجي ٿو ته بابر اعظم کي فلاڻو ڇوڪرو پسند آهي پر ان سموري صورتحال ۾ سندس ٽيم کي دوستي ياري ٽيم چوڻ تمام گهڻي زيادتي آهي.

BabarAzam ImamUlHaq Pakistancricketteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.