نيب جو غير معياري کير ۽ ڏهي جي وڪري جو نوٽيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب غير معياري کير ۽ ڏهي جي وڪري تي نوٽيس ورتو آهي.
نيب راولپنڊي چيف ڪمشنر اسلام آباد کي خط جاري ڪيو، جنهن ۾ فوڊ اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن کي طلب ڪيو ويو آهي.
نيب جي خط ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي 12 جون تي صبح 11 وڳي نيب راولپنڊي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ اختيارين کان غير معياري کير، ڏهي جي وڪري تي جواب طلب ڪيو ويو آهي.
نيب غير معياري کير ۽ ڏهي جي وڪري تي سيڪشن سي 33 تحت لاڳاپيل آفيسرن کي طلب ڪيو ۽ چيو ته لاڳاپيل اختياريون ڊيري پراڊڪٽس جي ڪوالٽي تي بريف ڪن.

nab islamabad rawalpindi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.