اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ حڪومتي خرچن ۽ حڪومتي ڍانچي جو ڪاٿو گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٺاهيل ڪميٽي پنهنجي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي.
ان موقعي تي ڪميٽي ڪجهه سرڪاري ادارن کي ختم ۽ ڪجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي، وزيراعظم ڪميٽي کي وڌيڪ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ناقص ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن فوري طور ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي اداري طور پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
هن چيو ته اهڙا منصوبا، جن جو ڪم پاڪ پي ڊبليو ڊي وٽ آهي، ان لاءِ متبادل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي.
shahbazsharif pakistan pmln